راشديه لائبرري ٺلاهه

راشديه لائبرري ’ٺلاهه‘: هيءَ لائبرري تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ’ٺلاهه‘ ڳوٺ ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڏاکڻي طرف ميل کن جي مفاصلي تي آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هتي وڏي ديني درسگاهه قائم هئي. درسگاهه جو باني ابوالبقا مظهر الدين ولد سيد هدايت الله بن پير محمد راشد روضي ڌڻي هو. هن مدرسي سان لڳ ڇاپخانو قائم ڪيو هئائين، جنهن مان ٻين ڪتابن کان سواءِ ’هدايت الاخوان‘ نالي ماهوار رسالو به جاري ڪيائين. وٽس وڏو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هزارين ڪتاب موجود هئا. سندس وفات بعد سندس هيءَ علمي سرمايو سندس فرزند پير حاجي محمد بقا شاهه عرف مٺل شاهه سنڀاليو. حاجي محمد بقا مفتي غلام عمر جتوئيءَ جو شاگرد هو. هو خلافت تحريڪ جو به سرگرم ڪارڪن رهيو هو. درس و تدريس سان گڏ حڪمت ۾ به چڱو نالو ڪڍيائين. هن ذاتي ڪتبخاني ۾ به گھڻو اضافو ڪيو. هاڻ راشديه لائبرري ٺلاهه نالي ماتر آهي، پر ڪنهن دؤر ۾ هيءَ لائبرري سنڌ جي اهم ڪتبخانن ۾ شمار ٿيندي هئي.


لفظ راشديه لائبرري ٺلاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو